آتش سنڌي

آتش سنڌي

آتش سنڌي

آتش سنڌي: ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌيءَ جو اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1953ع تي قنبر ۾ ٿيو. غريب خاندان جو فرد هئڻ سبب پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري سگهيو. آتش سنڌي لکڻ جي شروعات 1967ع ۾ ناليواري عوامي شاعر استاد پيرل قنبر جي رهنمائيءَ ۾ ڪئي. هن 1978ع ۾ لطيف ادبي سنگت قنبر جو بنياد رکيو ۽ ان جو پهريون سيڪريٽري بڻيو. 1978ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ قنبر جو آرگنائيزر مقرر ٿيو ۽ ڪافي وقت تائين ان جون ذميواريون سنڀاليندو رهيو. 2003ع کان هڪ ڀيرو ٻيهر ان تنظيم جو آرگنائيزر ٿيو.
1982ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ، 1999ع ۾ سنگت شاخ قنبر جو سيڪريٽري، 2000ع ۾ ڪائونسلر ۽ 2000ع کان ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ قنبر جو ميمبر رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو مزاحمتي آهي. آتش سنڌيءَ جي شاعري ناميارن فنڪارن سرمد سنڌي، سڄڻ سنڌي، عاشق نظاماڻي، حنيف لاشاري، ٻيجل سنڌي وغيره ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو پاڪستان تان پڻ نشر ٿيندا رهن ٿا. کيس ادبي مڃتا طور ڪيترائي ننڍا وڏا اوارڊ، سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. آتش سنڌيءَ جو هڪ شعري مجموعو ’تتل سج جا پانڌي‘ ڪنول پبليڪيشن قنبر طرفان ڇپايل آهي. هيءُ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ اسٽيل ملز ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.


لفظ آتش سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.07.17  عيسوي

آتش سنڌي: ناليواري مزاحمتي شاعر آتش سنڌيءَ جو اصل نالو معشوق علي ولد ولي محمد شيخ آهي . سندس جنم 17 جولاءِ 1953ع تي قنبر ۾ ٿيو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير ابراهيم شاهه، رام ٻاراهو
بدر شاهه
آخوند لطف الله لطف قريشي
آدم هنڱورجو
سائل خواجو
صابر علي مير ٺٽوي
سندر مجرم
نواز خان زنئور
عبداللطيف قيصر
طالب لغاري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون